اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 ه??ار 690، پنجاب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آباد ۾ 6 هزار 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعد??د 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪ??ل هڪ هزار 806 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعد??د 3 لک 65 هزار 927 آهي.