اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2020ع عالمي سطح تي مشڪل سال رهيو، ڪورونا و??ئر?? جي وبا سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام ۽ مع??شتن کي لوڏي ڇڏيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان جي قيادت ۾ پاڪستان ان چئلينج مان بهترين انداز سان سرخرو ٿيو، صحت ۽ مع??شت ٻنهي کي اهميت ڏني، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي کي عالمي سطح تي پذيرئي ملي، هن چيو ته وزيراعظم جرئتمداڻي فيصلن سان معاشي به??ري ۽ ترقي لاءِ صحيح رخ جو تعين ??ري ڇڏيو آهي. جنوري ۾ تبديلي نئين سال جي هوندي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران ??ان جي قيادت ۾ فيصلائتي ج??وجهد جي نئين مرحلن جو آغاز ٿيندو، اسان جي فيصلن ۽ پاليسين جو محور پاڪستان جو عوام آهي، 2020ع ۾ مخالف ڌر کي ان جي غير جمهوري حربن ”ناڪ آئوٽ“ ??ري ڇڏيو. حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ٺهندڙ اتحاد پنهنجي مفادن، سوچ ۽ بياني جي ور چڙهي ويو.