اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پوري قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متاثرين سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن ج?? اظهار ??ن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي ??ور??حال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي ش??يد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي ??ور??حال پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ان ??ور??حال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي ??ور??حال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي علائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم ڏکويل آهي.