اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب معاشري جي ڪمزور طبقن کي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي ڏس ۾ حڪومت کي اهم ڪاميابي ملي آهي. حڪومت پاران ناليواري تنظيم اخوت کي فراهم ڪيل 5 ارب رپين جي رقم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هيستائين ساڍا 7 هزار (7572) گهرن جي تعمير جي لاءِ 3.35 ارب رپيا استعمال ۾ آندا ويا آهن ۽ هيستائين فراهم ڪيل رقم جي ريڪوري جو تناسب سئو سيڪڙو رهيو آهي. واپس ملندڙ ??قم کي وڌيڪ خاندانن کي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 2416 وڌيڪ درخواستن تي ڪم جاري آهي، فائدو کڻندڙ ??اندانن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي جن جا مالي وسيلا انتها??ي محدود هئا. پروگرام مان فائدو کڻندڙ ??اندانن وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.