اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 151 فوتگيون ٿي??ن جنهن مان 60 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿي??ن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 480 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ?? وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 73 سيڪڙو، لاهور ۾ 73 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 62 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 73 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي ط??ح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 70 سيڪڙو، صوابي ۾ 67 سيڪڙو، مردان ۾ 65 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 13 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 716، پنجاب ۾ 26 هزار 338، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 261، اسلام آباد ۾ 5 هزار 651، بلوچستان ۾ 929 گلگت بلتستان ۾ 241، آزاد ڪشمير ۾ 877 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿي??دڙن جو انگ 7 لک 8 هزار 193 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاء?? مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 689 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 838 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 15 هزار 711 آهي.