اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليسڪو جي رٽائرڊ مل??زم جي اپيل منظور ڪري ورتي، 2 لک رپيا بطور شادي گرانٽ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن. محمد آصف ليسڪو ۾ مل??زم هو، رٽائرمينٽ کانپوءِ ”شادي گرانٽ“ جي لاءِ درخواست ڏني، ليسڪو پٽ جي شادي جي 2 سالن کانپوءِ درخواست ڏيڻ تي درخواست رد ڪئي، شادي گرانٽس جي ضابطي موجب سموريون درخواستون شادي جي تاريخ جي 6 مهينن جي اندر پهچڻ گهرجن. شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ليسڪو جي بدانتظامي ثابت نه ٿيڻ تي شڪايت کي ر?? ڪري ڇڏيو. بعد ۾ شهري وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل د??خل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف محمد آصف (شڪايت ڪندڙ) جي درخواست قبول ڪري ورتي. صدر چيو ته مل??زم جي شادي گرانٽ جي حقدار هجڻ تي ڪو اختلاف نه آهي، سواءِ ان جي ته درخواست دير سان جمع ٿي، سرڪاري ادارا ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن ته جيئن اهي پنهنجي حقن کان محروم نه رهن. صدر شهري جي اپيل منظور ڪري ورتي، ليسڪو کي 30 ڏينهن ۾ مل??زم کي 2 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) مل??زم کي پٽ جي لاءِ 2 لک رپيا ”شادي گرانٽ“ طور ادا ڪري. هن چيو ته قانون کان اڻڄاڻائي جي ڪري ماڻهو وقت تي فائدو کڻڻ کان محروم رهج?? وڃن ٿا، اسان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي، افسوس ته مل??زم پنهنجي حق کان اڻڄاڻ هو، ٻين کان خبر پئي ته پٽ جي شادي جي لاءِ گرانٽ ملڻ ممڪن آهي، اها سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهن کي اهڙن فائدن بابت آگاهه ڪن.