اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪا??وبار لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي ??ان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا ل??ئسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪا??وبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪا??وبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪا??وباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.