اسلا?? آباد – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان ڀائراڻي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اڀرن??ڙ موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار قطر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير قصر بن مبارڪ المنصوري سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.