اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪرغزستان کان پاڪستاني شاگردن ۽ ٻين شهرين جي واپسي ل??ءِ سفري انتظام ڪيا پ??ا وڃن، ٻاهرين ملڪ ڦاٿل سمورن پاڪستانين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته تقريبن 9 هزار شاگرد ڪرغزستان ۾ موجود آه??، اتي رات کان صبح تائين ڪرفيو لاڳو هوندو آهي جنهن تي سختي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ماسڪ کانسو??ءِ يا غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ تي ماڻهو گرفتار ڪيا ويندا آه??، انهن حالتن ۾ پاڪستان کي پنهنجي شهرين جو خيال آهي ۽ انهن جي سهولت ل??ءِ ??دم کنيا پ??ا وڃن.