اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا و??گ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاگردن تائين انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علا??قن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ان??ن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.