لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته علائقائي مسئلا اجاگر ??رڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي درپيش مسئلا حل ??رڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذريعي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا هيٺ مسئلن کي حل ??رڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان ريفارمز پئڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن پي آءِ ڊي آفيس لاهور جو دورو ڪيو ته جيئن علائقائي پريس جي بنيادي ??سئلن کان آ??اهي حاصل ڪري سگهجي.