اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رعايتي اگهن تي ضرورت جون شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج باقاعده جا??ي ڪري ڇڏيو، رليف پئڪيج تحت سڄي م??ڪ ۾ قائم 4 هزار يو??يل??ي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن مرڪز ۾ يو??يل??ي اسٽورز جي دوري جي موقعي تي رليف پئڪيج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جلد غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم جو پڻ اعلان ڪندي جنهن تحت اهي يو??يل??ي اسٽورز تان ماهوار 3 هزار رپين جون بنيادي ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندا.