لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي سينيٽر شبل?? فراز جي ڪارڪردگي کي ساراه??و. ??ورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ حالتن سميت ٻين ايشوز با??ت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير شبل?? فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت نه رڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.