اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان سڄي ملڪ ۾ خ??ص طور تي ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري ??اڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري ??دايتون جاري ڪيون ويون آهن، م??اثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.