اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان ??اڪ??تان ۽ اف??انستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ٿيندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي مفاد ۾ آهي، خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو، ??اڪ??تان برآمدات جيڪا ڪورونا وائرس وبائي مر?? جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ اف??ان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.