اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، فوج نه هجي ها ته پاڪستان جو حال به عراق?? افغانستان، يمن ۽ شام سميت ٻين مسلمان ملڪن وانگر هجي ها، اڳوڻين حڪومتن عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان کليل بدديانتي ڪئي، ادارن ۾ پن??نجي پسند جي ماڻهن کي ويهاري اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جيڪو بدعنوانين ۾ انهن جي لاءِ سهولتڪاري ڪ??دو هو، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران اهي ماڻهو پن??نجو پاڻ کي اڳتي وٺي ويا. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ ان جي سڄي فيملي ڪاروبار ڪند?? هجي اهو ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن تع??يم ۽ صحت جي شعبن سميت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.