اسل??م آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ملڪ ۾ موجود طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، قومي تعليمي پاليسي سان تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي بااختيار بڻائڻ جا برابر موقعا فراهم ٿيندا، نئين نسل کي خاتم النبين صه جي حي??ت مبارڪه ۽ سنت بابت مڪمل آگاهي هجڻ گهرجي ڇو ته حضرت محمد صه ئي اسان جو رول ماڊ?? آهي ۽ ان جي سنت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هو قومي هڪ جهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.