اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت ??و تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ??رقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت ??ي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادار?? وانگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.