اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقصد?? جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنه?? جي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ا?? جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، ??هي ماڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ن??هي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائو?? جي واقعي دوران کيس متاثري?? جي ياد نه آئي، هاڻي ??هي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انه?? جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن.