اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ڪارورباري ماحول فر??هم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مضبوط معيشت جي قيام لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب جو پيڪيج ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ميان نصير حيات ماگو جي ق??اد?? ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب روپين جو مالياتي پيڪيج فر??هم ڪيو. ڪورونا جي دوران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 1.5 ڪروڙ ??اندانن جي مالي مدد ڪئي وئي، صدر چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن جي معاشي ??ودمختياري تي به ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن کي 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض فر??هم ڪري رهي آهي، هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، واپاري ٽيڪس ادا ڪن ته جيئن ترقياتي سرگرمين لاءِ وڌيڪ رقم مختص ڪئي وڃي.