ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??عاشرتي ترقي جي لاءِ بطور اداري مسجدن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسجدون نه رڳو اسلامي رسمن جي لاءِ هونديون آهن پر معاشرتي خدمت کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پڻ بهترين ذريعو آهن. صدر گورنر هائوس سنڌ ۾ دعوت اسلامي جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد گرين پاڪستان ويزن بابت پنهنجي سرگرمين ۾ حڪومت کي تعاون جي درخواس?? ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي ??فد جي ميمبرن تي پڻ زور ڏنو ته اهي پنهنجي معاشرتي ڪم سان گڏوگڏ عوام کي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي فراهم ڪن.