ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، جاگرافيائي جي حوالي سان بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا ??وشن امڪان آهن. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ ??سا?? کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي تبديلين تي تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ??سا?? صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.