اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، جديد ٽيڪنالاجي ج?? استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي ج?? واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس شهيد?? جي ڏهاڙي ج?? حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پوليس جي شهيد?? جي تقريب ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، پوليس جي تمام گهڻين قربانين ۽ انه?? جي مسئلن جو ادراڪ آهي. فوج ۽ پوليس جي قربانين سان ملڪ مان دهشتگردي ج?? لعنت کي ختم ڪيو، پاڪستا?? جي فوج ۽ پوليس پاڪستان کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو رت پيش ڪيو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ اسان کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جو امن برباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لاهور واقعي ۾ به ڀارت ملوث هو. ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. هن چيو ته آئون شهيد?? جي خاندانن سان ٽيليفون تي رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ انه?? جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. مون کي فخر آهي ته شهيدن جا خاندان پنهنجي سپوت?? جي شهادت تي فخر ڪن ٿا. دنيا جي ڪا قوم پنهنجي شهيدن ۽ ملڪ جي لاءِ ايتري محبت نه ٿي رکي. پاڪستا?? جي فوج ۽ پوليس دهشتگردي ج?? خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. دنيا جا سپر پاورز به دهشتگردي تي ضابطو آڻي نه سگهيا پر پاڪستان اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو آندو. هن يچو ته پوليس ڏوهاري ماڻه?? جي خلاف هر اول دستو آهن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته انه?? جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ج?? استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي ج?? واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڊرون ڪئميرا ۽ ٽيليفون ڊيٽا جي تجزيي سان ڏوه?? جي جاچ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد پوليس جي زخمي اهلڪارن کي بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر پوليس جي شهيد?? جي پونئيرن کي مالي امداد ۽ ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ تي پوليس کي ساراهيو. هن چيو ته شهيد قوم کي نئين زندگي ڏين ٿا ۽ شهيد?? جي ٻار?? جي تعليم جي ذميواري رياست کي کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان صهيح فيصل?? جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آندو ۽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ حالتون بهتر رهيون. عالم سڳورن، ميڊيا ۽ قوم جي تعاون سان حالتون ڪنٽرول ۾ رهيون. ڪرپشن ??وم کي اڏوهي وانگر کائي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ايماندار قيادت جي ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته قوم گڏجي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان دانشمنداڻا فيصلا ڪيا، قوم ذميواري ج?? احساس جو مظاهرو ڪيو، عالم سڳورن ۽ ميڊيا پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ انسپيڪٽر جنرل آف اسلام آباد پوليس قاضي ج??يل الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي ج?? ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، گهرو سيڪريٽري، پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ پوليس شهيد?? جي وارثن ۽ گهرڀاتين شرڪت ڪئي.