فيصل آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي پر ٽ??م جي اوچتو واپسي جي فيصلي سان پاڪستاني قوم کي سخت مايوسي ٿي، بار بار اصرار جي ب??وجود نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪو ثبوت فراهم يا سيڪيورٽي ٿريٽ انفارميشن شيئر نه ڪئي وئي، مريم نواز نيوزيلينڊ جي دوري ملتوي ٿيڻ تي طنزيه ٽوئيٽ ڪري ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو باور ڪرايو آهي ته ??ريف خاندان کي پاڪستان جي پاسپورٽ جي حرمت جو ڪو پاس نه آهي. مدينه مسجد سمن آباد فيصل ۾ اخوت پاران غريب خاندانن ۾ بنا وياج قرض ورهائڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيوزيلينڊ جي ٽ??م جو اوچتو دورو ملتوي ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جڏهن ته ??سان ميچز جي حوالي سان فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي جڏهن ته ??ن کان اڳ ڪشمير پريميئر ليگ جي موقعي تي به ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ??ن کان اڳ جڏهن نيوزيلينڊ جي اندر ئي ڪرائسٽ چرچ جي اندر مسجد تي دهشتگردي جو واقعو ٿيو اتي درجنين ماڻهو شهيد ڪيا ويا ان وقت بنگلاديشم جي ٽيم اتي موجود رهي جڏهن ته ??ن کان اڳ جيڪي ب??طانيا ۾ بم اٽيڪ ٿيا هئا ان وقت به اتي آسٽريليا انگلينڊ جي سيريز هلي رهي هئي ان وقت به اهي ٽيمون اتي رهيون ان کانسواءِ به دنيا ۾ مختلف جاين تي اڻوڻندڙ واقعا به ٿيا پر ميچز نه روڪيون ويون جڏهن ته هتي ته ??هڙو ڪو واقعو ڪو اهرو معاملو به نه هو ۽ پاڪستان جون سموريون انٽيليجنس ايجنسيون، سيڪيورٽي ادارا ان موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا هئا پر نيوزيلينڊ پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي ڪا انفارميش شيئر نه ڪئي ۽ هڪطرفي طور تي دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ??ڄ مسلم ليگ (ن) ۽ ڪجهه ٻين شخصيتن پاران افسوسناڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا ۽ بيانن ۾ پاڪستان جي سب?? پاسپورٽ جي عزت نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر انهن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته سب?? پاسپورٽ جي عزت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن توهان ڦرلٽ نه ڪري رهيا هجو ۽ مني لانڊرنگ جو پئسو ملڪ کان ٻاهر نه کڻي وڃي رهيا هجو ۽ ماڻهن ۽ قوم جو پئسو ڦري ٻاهرئين ملڪ فليٽ نه ٺاهي رهيا هجو ۽ جڏهن توهان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان جي اندر هجي. هن چيو ته ??ها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته ??هي ماڻهو ڪو موقعو نه ٿا وڃڻ ڏين جنهن سان ڀارت کي خوشي نه ٿي سگهي ۽ جنهن موقعي تي ڀارت دنيا ۾ پاڪستان جو طنز نه اڏائي سگهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي جن ماڻهن خاص طور تي مسلم ليگ (ن) پاران جيڪي بيان ۽ انهن جي ليڊرن پاران جيڪي ٽوئيٽس آيا آئون سمجهان ٿو ته ??نهن ننڍي سوچ جو ثبوت آهي. ان سان انهن پاڪستان جي ڪا خدمت نه ڪئي ۽ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ڀارت کي خوش ڪرڻ جي لاءِ جڏهن ممبئي حملا ٿيا ته ??ڀ کان اڳ نواز شريف چيو ته ??جمل قصاب پاڪستان جو رهڻ وارو آهي جڏهن ته ??ملو پٺاڻ ڪوٽ ۾ ٿئي ٿو ۽ هي ايف آءِ آر گوجرانوالا ۾ داخل ڪرائي ڇڏين ٿا تنهن ڪري هي ان سوچ مان ٻاهر نڪرن ۽ قومي سوچ اختيار ڪن. هن چيو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جڏهن ڊرون حملا ٿيندا هئا ته ??نهن جي وات مان هڪ لفظ به نه نڪرندو هو اهڙي طرح ڪلڀوشن ياديو پڪڙيو ويو ته ??نهن جي وات مان پوءِ به هڪ لفظ نه نڪتو پر اهو عمران خان ئي هو جنهن ڊرون حملن جي خلاف لانگ مارچ ڪيو ۽ ڊرون حملن کي قومي سلامتي جي خلاف چيو ۽ انهي وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايبسوليوٽلي ناٽ چيو ته ??سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.