اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته فري فائر پاڪستان ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ مل??دو. نوجوان اي اسپورٽس ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا. پاڪستاني نوجوانن ۾ اي اسپورٽس ڪلچر کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن فري فائر پاڪستان ليگ جي فائنل مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 12 ٽيمن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪئي. فواد حسين چي?? ته ملڪ ?? پهريون ڀيرو قومي سطح تي اي اسپورٽس جو انعقاد خوش آئنده آهي، هن چي?? ته فري فائر پاڪستان ۾ ٿيندڙ پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي جيئن جيئن اسان اڳتي وڌنداسين ان جا ثمر اچڻ شروع ٿيندا، چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪورونا وبا دوران پاڪستاني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ضرورت ۾ هڪ وڏو موقعو ميسر آيو آهي، پاڪستاني ٻار به هاڻي اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي وڏا انعام کٽي سگهن ٿا. هن چي?? ته گيرينا دنيا جي مشهور ڪمپني آهي جيڪا بيڪو جي تعاون سان پاڪستان ۾ فري فائر قومي ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪري رهي آهي، فري فائر گيم ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين جا انعام آهن، قومي سطح جي مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيم عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندي. چوڌري فواد حسين چي?? ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعا آهن ته هو ننڍي عمر ۾ وڏي رقم کٽي سگهن ٿا، ملاقات ۾ قومي سطح جي فائنل مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ 12 ٽيمن جي ٽيم ليڊرن سميت بيڪو جي ڏکڻ ايشيا جي ريجنل هيڊ جان زانگ ۽ ٻيا نمائندا به موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فري فائر گرينڊ فائنل ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ سڀني ٽيمن جي جرسين تي صحيح ڪيون ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فري فائر پاڪستان ليگ جو گرينڊ فائنل 10 آڪٽوبر تي پي سي هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندو. گرينڊ فائنل ايونٽ فري فائر اي اسپورٽس پاڪستان جي ٽيوب چئنل ۽ فين پيج سميت پي ٽي وي تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو.