اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن به حڪومت غريبن ج?? لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آهيون، غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ ج?? لاءِ حڪومت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو. پنجاب جي وڏي ??زي?? سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي ??زي?? ڊاڪٽر ياسمين راشد، قومي اس??مبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پنجاب اس??مبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ ??زي??اعظم چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري معاشي صورتحال مشڪل هئي. جيئن ته اسان جو دارومدار درآمدات تي آهي ان لاءِ جڏهن ٻاهر قيمتون وڌن ٿيون ته هتي به قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ارب کان گهٽ ڪري هڪ ارب ڊالر تي کڻي آياسين. پوءِ ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خساري ۾ هلي وئي ۽ عالمي سطح تي بحران آيو. جڏهن ته اسان جي ڪامياب پاليسين جي ڪري وبا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالمي سطح تي اسان جي ڪامياب پاليسين جي پذيرائي ڪئي وئي. ??زي??اعظم چيو ته غريب عوام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب عوام تي بار گهٽ ڪرڻ ج?? لاءِ حڪومت هن وقت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. صحت ڪارڊ جي پوري پنجاب ۾ شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن جي ڪري غريب ??ان??ان معياري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي مستحق ??ان??انن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿيندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام 20 لک ??ان??انن ج?? لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پروگرام ۽ ننڍي آبادگار ج?? لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پروگرام اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئي وئي ته جيئن ڪو مستحق پروگرام کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪنهن حڪومت غريبن ج?? لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي انهن سمورن پروگرامز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافياز سان آهي. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن مقامي سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته اها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائ?? لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.