اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? چيو آهي ته (ن) ليگ عدليه جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي، نواز شريف يا مريم نواز جي پيشي ان اڳ اهڙيون سازشون سدائين ڪيون وي??ديون رهيون آهن، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو وي?? جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي، چونڊ سڌارا پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر اليڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏهن سڌارن طرف وڃون ٿا ??ه مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو وي?? آهي، اسان اهو بل ??ارليامينٽ مان منظور ڪرائي رهيا آهيون، مخالف ڌر چونڊ سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته ماضي ۾ نواز شريف کي جڏهن سپريم ڪورٽ طلب ڪيو وي?? ته (ن) ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ڇڏيو هو، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي. هن چيو ته ڪو شڪ نه آهي ته اهو شخص لنڊن ۾ نواز شريف جي خرچ تي رهي رهيو آهي، ان جي حلفيه بيان جي فيس به نواز شريف فيملي ادا ڪئي، ??سي?? نواز ان معاملي کي ڊيل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن ماڻهن کي ادارن جي خلاف استعمال ڪري ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وي??دي ته بحران پيدا ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي جيڪو مناسب قدم آهي، توهين عدالت تي ميوارن کي اڄ طلب ڪيو وي?? آهي، ان معاملي تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وي?? آهي، اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارا پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر اليڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏهن سڌارن طرف وڃون ٿا ??ه مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر سڀاڻي جي اجلاس ۾ اسان سان گڏ وي??ه، انهن سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري، مخالف ڌر کي جيڪي ترميمون گهرجن اهي کڻي اچي، ان تي بحث ڪري وٺون ٿا. هن چيو ته سڌارا لازمي آهن، سڀاڻي اسان اهي بل ??اس ڪرائي رهيا آهيون، سمورن اتحادين وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان کليل دل سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چونڊن، جوڊيشري، ميڊيا ۽ سياسي نظام ۾ سڌارا لازمي ٿيڻ گهرجن، اسان انهن تي گڏجي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان جيڪا به ڳالهه ڪئي، حڪومت ۽ ڪابينا جي پاليسي تحت ڪئي، انفرادي حيثي سان اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جو احترام ڪريان ٿو، مون کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ان موقف کي مثبت انداز ۾ وٺندي.