اسلام آ??اد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين ??ٿارٽي بابت سمورن قدن تي تيزي س??ن عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رحمت للعالمين ??ٿارٽي جو مقصد معاشري جي اخلاقي براين ??و سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سيرت طيبه جي ??عل??م عام ڪرڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين ??ٿارٽي تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عالم سڳورن سان مشاورت جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿارٽي جي تجويز ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪردار، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۾ سيرت جي شعور جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري مواد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي سيرت طيبه کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري مواد ۾ سيرت جي اخلاقي ر??ن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين ??ي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿارٽي بابت سمورن قدمن تي تيزي س??ن عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته ??عل??م ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.