اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ا??غا??ستان جي ڪمزور آبادي کي ??نساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ??اراهيو. هن ا??غا??ستان جي ڪمزور آبادي کي ??نساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي ??جاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي ??رپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي ??ضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پاران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ??اراهيندي هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي ??رخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ا??غا?? عوام کي ??رپيش انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزباني تي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.