اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مالياتي ضمني بل سان عوام تي بار پوڻ جون ڳالهيون بني بنياد آهن، مهانگائي وڌڻ جا افواهه پکي??يا پيا وڃن، حڪومت ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو آهي جنهن سان غريب ماڻهوءَ تي بار پوي، نوان ٽيڪس نه لڳائي رهيا آهيون بلڪ بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي ن??رث??ني جي تجويز آهي، عام ماڻهوءَ لاءِ صرف 2 ارب رپين جا ٽيڪس ڇوٽ تي ن??رث??ني جي اپيل آهي. امپورٽ ڪيل شين تي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي وڌڻ سان پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا، چاهيون ٿا ته ملڪي ادارن کي مضبوط ۽ خودمختيار بڻايو وڃي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر تي سي??ز ٽيڪس نه لڳائي رهيا آهيون، بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس جي ڇوٽ تي ن??رث??ني جي تجويز آهي جنهن جو مطلب ڪو نئون ٽيڪس ناهي، 70 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ۾ آرامده ايٽم شامل هئا جڏهن ته عام ماڻهوءَ لاءِ صرف 2 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي ن??رث??ني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران اسٽيٽ بئنڪ کان ڪوبه قرض نه ورتو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اٿارٽي بورڊ آف گورنرز وٽ هوندي. هن چيو ته مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آهي، آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي ملڪ به پڻ مهانگائيءَ جي ان لهر مان شديد متاثر ٿيا آهن. امپورٽ ڪيل شين تي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي وڌڻ سان پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا آهن.