اسلام آ??اد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر غوث بخش خان مهر ۽ سردار نصر الله خان دريشڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ خصوصي صلاحڪار ملڪ محمد عامر ڊوگر به موجود هئا. ملاقات ۾ لاڳاپيل ت??ن جي سياسي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي کي سياسي طور تي م??ظم ۽ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.