پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خي??رپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي ۾ سياسي صور??حا??، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صور??حا?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري عوامي ڀل??ئي ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي زراعت، ٽرانسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ جي منصوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ وزيراعظم کي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي پاران کنيل قدمن ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي مقرر مدي ۽ عوامي ڀل??ئي جي منصوبن کي ترجيحي بن??ادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.