اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ س??يل??ڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ س??يل??ڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن س??يل??ڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياستي وزير ٿراڪا بالا ??وريا سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا ??وريا س??يل??ڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان س??يل??ڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ س??يل??ڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم س??يل??ڪن وفد جو ڌيان پاڪستان جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته س??يل??ڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪستان ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌرني س??يل??ڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائ??ل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ پاڪستان سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.