اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري برادري معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، دنيا سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي، ??ڪو??ت آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون آهن جڏهن ته هو ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ??يوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??ڪو??ت آءِ ٽي جي شعبي کي جيتريون مراعتون ڏنيون آهن ايتريون ڪنهن ٻي شعبي کي ناهن ڏنيون ويون، آءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته افرادي قوت جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماضي ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي وئي هئي جنهن کي موجوده ??ڪو??ت بحال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تقريب جي نتيجي ۾ اسان جي ماڻهن جو روزگار وڌندو. ??ڪو??ت نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تحت 22 لک نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. صدر واپارين تي ??ور ڏنو ته هو ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي ??يڙپڪاري ڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي فائدو کڻي. صدر چيو ته موجوده ??ڪو??ت ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ??ڪو??ت جي بهتر پاليسين جي ڪري آبادگارن کي اضافي 1100 سئو ارب روپيا منافعو حاصل ٿيو آهي، ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ??ڪو??ت ۽ واپاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان قدم سان واپار ۽ انڊسٽري کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت جي تياري سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيندو، آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ??ڪو??ت کي واپارين جو تعاون گهربل آهي، آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو وڏو ذريعو آهي، ??ڪو??ت نوجوانن جي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ان قدم جو مقصد نوجوانن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر چيو ته موجوده ??ڪو??ت آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ رڪارڊ مراعتن جو اعلان ڪيو آهي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي به يقيني بڻايو آهي، ماضي جي ڪا به ??ڪو??ت موجوده ??ڪو??ت طرف واپاري برادري کي ڏنل سهولتن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ڪو??ت جي ڪاروباري دوست پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بحال ٿيو ۽ صنعتي ??عبي تقريبن 900 ارب روپيا اضافي ڪمايا. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ ضروري آهي ته هو تعليمي ادارن سان تعلق پيدا ڪري ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته شاگرد ??ڪو??ت جي اعلان ڪيل ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، فائدو کنيو ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه شاگرد تقريبن ڏيڍ لک ڊالر ڪمائي رهيا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي گهر ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي ??ور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، صدر چيو ته ڪو به ٻيو شعبو آءِ ٽي سيڪٽر جهڙو منافعو نٿو آڻي سگهي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما ۽ آءِ ٽي جي صنعتن ۾ متوقع چيني سيڙپڪاري کانپوءِ پاڪستان جو مست??بل روشن هوندو. ان کان اڳ صدر تقريب دوران آءِ ٽي منصوبن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي ??ورتن سميت ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.