اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته منظم ۽ پيشيور هٿياربند فوج جي موجودگي ۾ ڪوبه پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، قوم جي م??بوطي لاءِ ضروري آهي ت?? فوج مضبوط رهي، دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ته اها پاڪ فوج آهي، 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي ??اندار پريڊ منعقد ڪرڻ تي منهنجو سر فخر سان بلند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ يوم پاڪستان جي پريڊ جي منتظمين کي اعزاز ڏيڻ جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي م??بوط هٿياربند فوج جي ڪري ئي م??بوط ۽ مستحڪم آهي، پاڪستان سدائين مشڪل صورتحال مان ڪاميابي سان نڪتو آهي ۽ هن دشمن جي ??ازشن کي ناڪام بڻايو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ان جنگ ۾ ان جو قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ايٽمي صلاحيت پنهنجي ??فاع ??اءِ حاصل ڪئي ۽ هي ڪنهن به چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿو. صدر چيو ته قوم کي ڪو به آنچ نٿو پهچائي سگهي، ڀارت کي به اسان جي ??اقت جو اندازو آهي، اسان جي پرامن ۽ اصول پسند آواز جو دنيا تي اثر ٿيندو، دنيا جي ٽيڪنالاجي ??يتري به ترقي ڪري وٺي پاڪستان ۾ ان جو مقابلو ڪرڻ جي ??لاحيت آهي، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ هر وقت چوڪس رهڻو آهي، دنيا جيڪا مرضي چوندي رهي اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهيون، صدر ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل قومن ۾ ان پراڻي تڪرار جي ??ل ۾ ٽال مٽول سان ڪم ورتو پيو وڃي، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي ??اندار پريڊ جي ??نعقاد جي منتظمين ۾ اعزاز ورهايا، تقريب ۾ هٿياربند فوج جي ??ينئر آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل شرڪت ڪئي.