اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن م??جب پنهنجون ذم??واريون پوريون ڪندس. قومي اسيمبلي ۾ ريمارڪس ڏيندي هن چيو ته هن ايوان جي روايت رهي آهي ته جڏهن به ڪو ميمبر لاڏاڻو ??ري وڃي ته پهرين ڏينهن اجلاس بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويندو آهي، اها روايت هاڻي کان نه پر ڊگهي عرصي کان جاري آهي، هن وقت تائين 24 ميمبرن جي لاڏاڻي تي هن ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئُون آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن م??جب ڪارروائي هلائيندس.