اسلام آباد – 18 – ??پر??ل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس م??صوبي ??و افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي ??و افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس م??صوبي سان جاڙن شهرن کانسواءِ ٻين شهرن مان ايندڙ هزارين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ترڪيءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفارتخاني جو ڊپٽي هيڊ آف م??ن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس م??صوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.