اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان د??ان?? ڊپٽي ڊائريڪٽر پروٽوڪول تنوير حسين ملڪ جي گهر ويو جتي هن تنوير حسين ملڪ جي والده جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ماءُ جو رشتو دنيا جي عظيم نعمت تصور ڪيو وي??دو آهي جنهن جو دنيا مان هلي وڃڻ سان ان جي کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڊپٽي اسپيڪر مرحومه جي بلند درجن ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداش?? ڪرڻ لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. واضح رهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر تنوير حسين ملڪ جي والده مخ??صر علالت کانپوءِ 21 رمضان المبارڪ تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي شهر ميانوالي ۾ ادا ڪئي وئي هئي.