اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزير??عظ?? جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، نئين چونڊيل وزير??عظ?? جي حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، وقتي صدر، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي محمد شهباز شريف کان وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي ڪالهه سومر ڏينهن ئي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان ملڪ جي نئين وزير??عظ?? جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزير??عظ?? رهندڙ محمد نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي. شهباز شريف ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور ??ان گريجوئيشن ڪئي. عملي سياست ۾ سندس ڪيريئر تمام شاندار اهي، جيڪو چار ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، سندس عوامي خدمتن جو ڪيريئر 1985ع ۾ بطور صدر لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کان شروع ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف جي پيروي ڪندي عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، ان اسيمبلي کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي 1990ع ۾ تحليل ڪيو ويو. 93 – 1990ع دوران قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو. 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير چونڊيو. اها به اسيمبلي 1999ع ۾ تحليل ڪئي وئي. پنجاب حڪومت پي ايم ايل اين جي مرڪزي حڪومت سان گڏ ئي ختم ڪئي وئي. ان کي قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جبري جلاوطن ڪيو ويو. محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيون ڀيرو پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي پي ايم ايل اين وڏي مينڊيٽ سان ٻيهر اقتدار ۾ آئي. هو صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي طور ??و ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو. شهباز شريف 2018ع ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو. هن عمران خان جي مقابلي ۾ وزير??عظ?? جي ??ونڊ پڻ وڙهي، عمران خان 176 ووٽ کڻي وزير??عظ?? چونڊيو هو، شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا. جنهن کانپوءِ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ٿيو. شهباز شريف هڪ متحرڪ ليڊر آهي جيڪو پنهنجي مضبوط ۽ بهترين ايڊمنسٽريشن جي ??ري سڃاتو وڃي ٿو. کيس متحده اپوزيشن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ??اميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو، نئين چونڊيل وزير??عظ?? شهباز شريف جو پٽ حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ??ونڊ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار آهي.