اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اورنج لائين ميٽرو بس سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ ??ي به ڳنڍيو وڃي، پشاور م??ڙ کان اسلام آباد ايئرپو??ٽ تائين ميٽرو روٽ کي ڳنڍڻ جي ل??ءِ فيض احمد فيض اسٽيش?? تي جنڪشن سومر تائي?? تيار ۽ نئين روٽ سان ڳنڍجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پاران افتتاح کانپوءِ في الحال اورينج لائين ميٽرو پشاور موڙ تي اين ايڇ اي اسٽيشن کان ايئرپو??ٽ تائين فعال آهي. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو اورنج لائين سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ ??ي به ڳنڍي، ان ل??ءِ فيض احمد فيض اسٽيش?? تي هڪ جنڪش?? تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو سومر تائي?? تيار ٿي ويندو. سومر کان راولپنڊي جا مسافر وزيراعظم جي هدايت جي نتيجي ۾ هوائي اڏي جي ڪنيڪشن سان گڏوگڏ اورنج لائين جي ذريعي گولڙه ۽ نسٽ کان لنڪ به استعمال ڪري سگهندا. اهو وزيراعظم شهباز شريف پاران راولپنڊي اسلام آباد جي عوام ل??ءِ وڏو تحفو آهي.