اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هتي يو اي اي جي سفارتخاني وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد ??لن??يان جي لاڏاڻي تي سندس وارثن ۽ متحده عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته مرحوم اڳواڻ جي دانشمنداڻي قيادت کي خراج عق??دت پيش ڪريون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شيخ خليفه بن زيد ??لن??يان جي پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ناقابل فراموش خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.