اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل ج?? شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٻارن کي ??سڪول کان وٺڻ لا??ِ ويندڙ والد جي شهادت تي افسوس آهي، وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي ??هداءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻارن جي تعليم ۽ گهروارن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، انجنيئر امير مقام کي ??هيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مدد کي يقيني بڻائڻ جي ب?? هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي ب??ندي ۽ گهروارن جي لا??ِ صبر ۽ جميل ج?? دعا ڪئي.