اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين ا??لي?? ت??لي?? تي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ت??لي??ي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، ا??لي?? ت??لي?? کي عالمي مع??ار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪ?? سهولتون فراهم ڪيو وڃن.