اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيدنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا، گذريل چئن سالن دوران پاڪ??تا?? تي مڙهيل نااهل ٽولي معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه برباد ڪيو، وفاقي ڪابينا افغان??تا?? سان ٽرانسپورٽرز کي ڇهن مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جي م??ظو??ي ڏني آهي، ان فيصلي سان وچ ايشيا ۽ افغان??تا?? ۾ واپار کي سگهه ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ ٻين سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ٽانڪ ضلعي ۾ پوليو مهم تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ ٻه ڪانسٽيبل ۽ پوليو ٽيم جو هڪ ورڪر شهيد ٿيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي نيشنل هيزرڊئيس ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي م??ظو??ي ڏني. هن چيو ته ڪابينا گهرو وزارت تحت قائم افغان بين الوزارت تعاون سيل جي ايپيڪس ڪميٽي ۽ نادرا، سيڙپڪاري بورڊ ۽ پرڏيهي وزارت پاران ويزا رجيم تي ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي تجويزن جي م??ظو??ي ڏني. هن چيو ته پاڪ??تا??ي سفارتخانو افغانين جي ويزا جي درخواست کي ڪنٽري آف اوريجن بدران موجوده نيشنلٽي/پاسپورٽ جي بنياد تي پراسيس ڪندو. هن چيو ته افغان??تا?? سان واپار جي فروغ لاءِ ورڪ ويزا ڪيٽيگري ۾ هڪ نئين سب ڪيٽيگري، ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز جي نالي سان پاڪ??تا?? آن لائين ويزا سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. شروعاتي طور تي 48 ڪلاڪن دوران ڇهن مهينن جي مدي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا جاري ڪئي ويندي جنهن جي مدي ۾ هڪ سال جي توسيع جو اختيار گهرو وزارت کي هوندو. هن چيو ته ويزا جي لاءِ گهربل د??تا??يزن ۾ درخواست ڪندڙ جو فوٽو، پاسپورٽ/ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽريشن ۽ ايمپلائمينٽ ليٽر شامل هوندو جڏهن ته توسيع جي صورت ۾ انٽري/ ويزا اپيج اضافي طور تي گهربل هوندا. هن چيو ته ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز جي ويزا جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران ريڪنڊيشن ليٽر ۽ ايس اي سي پي جي رجسٽريشن کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي ڇو ته ويزا حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد رڳو شين جي بارڊر تي چرپر آهي. هن چيو ته مٿي ڄاڻايل سموريون تجويزون اقتصادي رابطا تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز تي لاڳو هونديون. هن چيو ته ڪابينا جي م??ظو??ي کانپوءِ نادرا کي پاڪ??تا?? آن لائين ويزا سسٽم جي نظام ۾ تبديلي جي هدايت ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پاڪ??تا?? ۾ ڪاروباري آسانين جي فروغ لاءِ گهرو وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي آنل ائين ادائيگين کي پاڪ??تا?? آن لائين ويزا سسٽم سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ جيڪي به مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. اسان کي افغان??تا?? جي ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اهي افغان شهري جيڪي سيڙپڪاري جي لاءِ نار رياستن جو رخ ڪن ٿا انهن کي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪابينا افغان??تا?? مان ايندڙ مريضن جي لاءِ پڻ ويزا ۾ نرمي جي تجويز ڏني آهي. ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ افغان شهرين جي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ٻن هفتن جي اندر جوڙي ويندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا ذيلي ادارا پاڪ??تا?? اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاران تجويز آئي هئي ته ڪجهه مينوفيڪچررز توانائي جي بچت جي حوالي سان معيارن تي پورو لهڻ جي لاءِ وقت گهري رهيا آهن. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ مشاورت وڌيڪ ضروري آهي. هن چيو ته ڪابينا ان حوالي سان هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪندو. هن چيو ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وفاقي وزير آغا حسن بلوچ ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز هوندا. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسان کي توانا??ي بچائڻ جي ضرورت ۽ ان سلسلي ۾ بجلي سان هلندڙ سمورن اوزارن جي اسٽينڊرڊز ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 جون 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان ۾ 13 مختلف ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽس م??ظو?? ڪيون ويون آهن. افغان رهواسين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين سرحدن تي انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم جوڙيو ويو هو، هن چيو ته 2015ع ۾ انٽگريٽيڊ مئنيجمينٽ سسٽم ايئرپورٽس ۽ بارڊرز تي پڻ قائم ڪيو ويو هو. هن چيو ته افغان??تا?? جي لاءِ ويزا رجيم ۾ ڪجهه ويزا ڪيٽيگريز کي شامل ڪيو ويو آهي جن ۾ ٽرانسپورٽرز، هيلپرز ۽ ڊرائيورز شامل آهن. هن چيو ته ان کان اڳ ويزا پاليسي ۾ جڏهن به نرمي ڪئي وئي ته نادرا کي شامل نه ڪيو ويو. هن ڀيري پهريون ڀيرو نادرا کي ان نظام ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪاروباري آسانين کي نظر ۾ رکندي اها ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان تي مڪمل مڪينزم موجود آهي. ملڪ رياض تي رجسٽرڊ ايف آءِ آر جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ان ايف آءِ آرز تي معلومات گهرو وزير ڏيندو، ان ڏس ۾ بريفنگ رکي ويندي جنهن ۾ هو سموري معلومات فراهم ڪندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته حڪومت اسپيڪر ۽ پارليامينٽ جي معاملن تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، رولز ۽ پروسيجرز موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فيصلا ڪندو آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي حڪومتي مداخلت ناهي هوندي. هن چيو ته هن اسيمبلي کي عمران خان وانگر پارليامينٽ تي تالو لڳائي نه پيو هلايو وڃي پر ان کي پارليامينٽ جي ضابطن موجب هلايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي بالادستي تحت اسيمبلي هلي رهي آهي، اهو ئي جمهوريت جو اصل روح آهي. لوڊشيدنگ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2018ع ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ڇڏي وئي، ان وقت اسان نه رڳو ڊيمانڊ ۽ سپلائي جو بندوبست ڪيو پر ايندڙ 10 سالن جي منصوبابندي سان پراجيڪٽس شروع ڪيا. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران جيڪو عذاب پاڪ??تا?? تي مڙهيل رهيو، ان معيشت جي شعبي جو جيڪو حال ڪيو، اهڙي طرح توانائي جي شعبي کي به تباهه ۽ برباد ڪيو. هن چيو ته اسان گذريل حڪومت و??نگر الزام بازي ڪري ماتم نه ڪري رهيا آهيون پر اسان توانائي جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، هن وقت عالمي سطح تي فيول جي کوٽ آهي، ان جي باوجود 30 جون تائين جيڪو پلان ڏنو هو ان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. ڪفايت شعاري جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ان ڏس ۾ قدمن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته وزارتن جي سطح تي پڻ ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.