اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽ?? زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ پرڏيهي و??ير هياشي يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.