??لر سيدان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ??لر سيدان ۾ به پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جون تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پهرين آگسٽ کان ئي ??لر سيدان جي مختلف بازارن ۾ قومي جهنڊن، جهنڊين، بيجز سميت جديد دور جي هم آهنگ نت نئين ڊيزائن جي شين جي وڪري لاءِ اسٽالز سج??يا ويا هئا جڏهن ته ??لر سيدان جي شهرين پاران گهرن ۽ گاڏين تي سبز هلالي جهنڊو لڳائي پاڪستان سان پنهنجي محبت ??و والهاڻو اظهار ڪيو پيو وڃي، جشن آزادي جي تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ شاندار طريقي سان ملهائينداسين ان ڏينهن جي مناسبت ??ان گهرن کي پاڪستان جي جهنڊن سان سجايو پيو وڃي، هر شخص پنهنجي سگهه موجب ملڪ سا?? محبت ??و اظهار ڪري رهيو آهي.