اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه ج?? ايمرجنسي ريپانس ٽي??ون وادي نلتر ويلي، ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻ??ڏ متاثر علائقن ?? ريسڪيو ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهيون آهن. ايئر وائيس مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ ضلعي راجن پور ضلعي ۾ واقعي پ?? اي ايف فلڊ رليف ڪيمپ جو معائنو ڪيو ۽ پ?? اي ايف ٽي??ن طرفان فراهم ڪيل امدادي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پاڪ فضائيه جي ت??جمان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ٽي??ن متاثر خاندانن ۾ 5570 پڪل کاڌن جا دٻا، 1260 پاڻيءَ جون بولتون ۽ 2314 راشن پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ بنيادي کاڌي پيتي واريون شيون شامل هيون. وڌيڪ خوراڪ ۽ـ رهائش جي فراهمي کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽي??ن فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 787 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي. متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.