نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظهار پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پاڪستان کي گرمي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوف??ني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ ??در??ي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي انس??ني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان ج??ني ۽ معيش?? کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئم??ني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته معيش?? کي 30 ارب ڊالر ک??ن وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃي?? ۽ ??ختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.