بيجنگ-10 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق چيو آهي ته چين جي وقت سر امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. چيني اخبار گلوبل ٽا??مز کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي مرڪزي حڪومت، فوج، صوبائي حڪومتن، فلاحي تنظيمن ۽ سرڪاري ۽ نجي ادارن طرفان 640 ملين يوآن (89.94 ملين ڊالر) کان وڌيڪ ماليت جي مدد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو چيني عوام پڻ سفارتخاني کان سڌي ريت فلڊ ريلف اڪائونٽ ۾ عطيو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي صورتحال ۾ بدترين قدرتي آفت کي مُنهن ڏئي رهيو آهي ۽ چين هميشه وانگر ان بحراني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد فراهم ڪئي. سفير چيو ته چين انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد ٻنهي ملڪن جي گهري دوستيءَ جي عڪاسي آهي. چيني حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ خيما، ڪمبل، کاڌي پيتي جي شين، پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري مصنوعات ۽ بجلي جا جنريٽرن تي ٻَڌل پهرين کيپ فراهم ڪري ڇڏي آهي جيڪا ڊاڪٽرن ۽ ماهرن تي ٻَڌل ٽيمون به پاڪستان موڪليون پيون وڃن. هن چيو ته چيني ڪمپني چائينا ٿري گورجز ڪارپوريشن طرفان ڪروٽ هائيڊرو پا??ر اسٽيشن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي جيڪا 1.537 بلين ڪلو واٽ في ڪلاڪ جي مجموعي بجلي جي پيداوار سان بجلي فراهم ڪري رهي آهي. هن چيوت ه ڪروٽ هائيڊرو پا??ر اسٽيشن سي پيڪ تحت هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن سان قومي گرڊ ۾ 720 ميگاواٽ ماحول د??ست بجلي شامل ٿي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هر سال 3.5 ملين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪا کي گهٽ ۾ مدد ملندي. ٻوڏ سبب خوش قسمتيءَ سان پاڪستان ۾ چيني ادارن طرفان قائم ڪيل ڪروٽ ۽ ٻين هائيڊرو پا??ر رٿائن کي ڪو نقصان ناهي پهتو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 12 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي حاصلات جو هدف مقرر ڪيو آهي جيڪو چيني ادارن جي تيار ڪيل ماحول د??ست بجلي جي رٿائن ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪروٽ هائيڊو پا??ر ۽ قابل تجديد توانائي جي ٻين رٿائن سان مقامي طور تي هزارين ملازمتن جا موقعا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ گ??ري?? سال 14 جولاءِ تي داسو هائيڊرو پا??ر اسٽيشن رٿا تي ٿين??ڙ دهشتگرد حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته چين پاسڪتان دوستي جي مخالفن طرفان ڪيل حملو تيز رفتار اقتصادي ترقي کي متاثر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي پر ٻنهي ملڪن طرفان قائدانه عزم ۽ ڪارڪنن جي دلجوئي سبب تمام ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ داسو هائيڊو پا??ر اسٽيشن منصوبي تي افسوسناڪ حملي بعد فوري ڪم شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين جي حفاظت ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڏي اهميت حاصل آهي، اسان گڏجي پنهنجن مخالفن جي ناپاڪ عزمن کي شڪست ڏينداسين.