گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو ??هي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آهن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ ل??ءِ تيار آهيان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ڪرپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آهن، آئون الله سان ??اع??و ڪري آيو ??هيان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وز??راعظم عمران خان چيو ??ه جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿيندي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آهي.